قاضي محمد عاقل سنڌي

قاضي محمد عاقل سنڌي : عالم ۽ بزرگ محمد عاقل بن محمد شريف، سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد وٽ ڳوٺ مٺڻ ڪوٽ ۾ جنم ورتو. قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪري، بعد ۾ قرآت سکيائين. درسي ڪتاب پنهنجي والد وٽ پڙهيو. تعليم مان فراغت کانپوءِ مٺڻ ڪوٽ ۾ مدرسو قائم ڪيائين. مدرسي ۾ پڙهائڻ سان گڏ پاڻ به پڙهندو رهيو. ان کانپوءِ شيخ نور محمد هاروني چشتيءَ جي صحبت اختيار ڪري، ان کان طريقت جو علم حاصل ڪيائين. مرشد جي حياتيءَ ۾ ئي پاڻ وڏو رتبو حاصل ڪيائين، پاڻ مرشد جي پيروي ڪندي چشتي طريقي جي واڌاري لاءِ تبليغ ڪندو هو. ڪيترن ئي عالمن ۽ مشائخن وٽائنس فيض پرايو. متقي، پرهيزگار ۽ عبادتگذار هوندو هو، اڪثر وقت عبادت ۽ ديني تبليغ ۾ گذاريندو هو، دنياوي ڪمن کان پري رهندو هو. هن 16 جون 1815ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو